صحرا سُترُ جن

صحرا سُترُ جن

صحرا ستر جن

صحرا سُترُ جن (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ بيت، وايون ۽ لوڪ گيت شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب نامور لوڪ فنڪارن مائي ڀاڳيءَ ۽ موهن ڀڳت کي ڪيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘مروثي مهڪار’ جي عنوان سان مصنف پاڻ لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي کيئل داس فاني، هيري ٺڪر، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جي تاجل بيوس ۽ سندس شاعريءَ متعلق تاثر ڏنل آهن. ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ پاران 1996ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب 216 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت 75 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو